آصف هالائي

آصف هالائي:جان محمد آصف هالائي ولد عبدالرؤف ابڙي 14 آگسٽ 1898ع تي جنم ورتو. هن مقامي سطح تي تعليم حاصل ڪئي. اسلامي تبليغ جي موضوع تي سندس لکيل مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. هيءُ اعليٰ درجي جو خط نويس ۽ شاعر به هو. انشا پردازي ۽ شاعريءَ ۾ سندس استاد حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ مرحوم محمد هاشم مخلص هئا. جن وٽان شاعريءَ جا سخن وغيره سکيائين. سندس ڪلام تقريبن مذهبي موضوع تي چيل آهي. نعت گوئي ۽ حمديه نظم تي کيس ملڪو حاصل هو. سندس ڪلام ۾ اصلاحي پهلو به نمايان ملي ٿو. هيءُ خلافت تحريڪ ۾ به متحرڪ رهيو ۽ سندس شعله بيان تقريرن کيس مشهوري ڏني. انجمن مولود النبي هالا ۾ به الحاج پير صاحب سائل هالائي جي سنگت ۾ڇهه سال سرگرم رهيو. سندس جواني جي زماني ۾ ”احوال احمدي“ ڪتاب شايع ٿيو، جيڪو حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت تي لکيائين. سندس اهو ڪتاب انجمن مولود النبي هالا پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس مقالن جو مجموعو به آهي.


لفظ آصف هالائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1898.08.14  عيسوي

آصف هالائي : جان محمد آصف هالائي ولد عبدالرؤف ابڙي 14 آگسٽ 1898ع تي جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تقي عليه السلام امام
ٿامس هنٽ مورگن
خواجه عبدالله جان عرف شاهه آغا
سيد مراد علي شاهه
جمشيد نسروانجي ميهتا
خورشيد حسن شيخ
الطاف حسين 2
الهبچايو يار محمد سمون
ذوالفقار علي ڀٽو شهيد
جکراڻي عرض محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون